بيگم شائسته اڪرام الله

بيگم شائسته اڪرام الله

بيگم شائسته اڪرام الله

بيگم شائسته اڪرام الله: بيگم شائسته اڪرام الله سهروردي، هندستان جي مشهور شهر ڪلڪتي ۾ 1912ع ڌاري پيدا ٿي. سندس والد جو نالو احسان سهروردي هو، جيڪو بنگال جي مشهور جيد عالم ميان سهروردي جو پٽ هو. 1932ع ۾ شائسته جي شادي حافظ محمد ولايت الله جي وڏي پٽ محمد اڪرام الله سان ٿي. ان وقت اڪرام الله ڊپٽي ڪمشنر هو، جيڪو انهن ٿورن مسلمانن مان هو، جيڪي ابتدائي آءِ. سي. ايس آفيسرن مان چونڊيا ويا هئا. بعد ۾ کيس سيڪريٽريٽ دهليءَ ۾ انڊر سيڪريٽريءَ جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو. 1938ع ۾ قائداعظم محمد علي جناح انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ سب ڪاميٽيءَ جي ٻيهر تنظيم ڪئي. انهيءَ دوران انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس ۾ هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو، جنهن ۾ وومين مسلم ليگ ڪاميٽيءَ جي تنظيم ڪئي وئي، ان ڪاميٽيءَ جي دهلي برانچ ۾ بيگم شائسته کي بطور رڪن کنيو ويو. 1940ع ۾ راجا صاحب محمود آباد، بيگم شائسته کي مسلم وومين اسٽوڊنٽس جو ڪنوينر مقرر ڪيو ۽ بيگم شائسته مسلمان شاگردياڻين کي منظم ڪيو. افسانا نويسيءَ تي پي. ايڇ. ڊيءَ لاءِ مقالو لکيائين. قيام پاڪستان کان پوءِ پنهنجي خاندان سان گڏ ڪراچيءَ آئي. 1945ع ۾ تحريڪ پاڪستان جي عروج واري زماني ۾، مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي پليٽ فارم تان سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيائين. پاڻ پاڪستان جي پهرين آئين ساز اسيمبليءَ جي ميمبر رهي. هن 1948ع ۾ پاڪستاني وفد ۾ ميمبر جي حيثيت سان اقوام متحده جي اجلاس ۾ شرڪت ڪيائين ۽ 1956ع ۾ ٻيهر پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. 1961ع ۾ بنيادي جمهوريت جي ميمبر منتخب ٿي. 1962ع ۾ سندس مڙس محمد اڪرام الله وفات ڪئي. 1964ع ۾ مراڪش ۾ پاڪستان جي سفير مقرر ٿي. پاڪستانيات جي موضوع تي مختلف اخبارن ۾ سندس مضمون ڇپجندا رهيا. ”فرام پرده ٽو پارليامينٽ“ سندس مشهور تصنيف آهي. سندس اولاد مان هڪ ڌيءَ اردن جي شاهه حسين جي ننڍي ڀاءُ شهزادي حسن سان پرڻيل آهي. بيگم اڪرام الله 12 ڊسمبر 2000ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ دفن ڪيو ويو. .


لفظ بيگم شائسته اڪرام اللهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1912.00.00  عيسوي

بيگم شائسته اڪرام الله: بيگم شائسته اڪرام الله سهروردي ، هندستان جي مشهور شهر ڪلڪتي ۾ 1912ع ڌاري پيدا ٿي


1932.00.00  عيسوي

1932ع ۾ شائسته جي شادي حافظ محمد ولايت الله جي وڏي پٽ محمد اڪرام الله سان ٿي .


1938.00.00  عيسوي

1938ع ۾ قائداعظم محمد علي جناح آل انڊيا مسلم ليگ سب ڪاميٽيءَ جي ٻيهر تنظيم ڪئي . انهيءَ دوران آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس ۾ هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ، جنهن ۾ وومين مسلم ليگ ڪاميٽيءَ جي تنظيم ڪئي وئي ،


1948.00.00  عيسوي

هن 1948ع ۾ پاڪستاني وفد ۾ ميمبر جي حيثيت سان اقوام متحده جي اجلاس ۾ شرڪت ڪيائين ۽ 1956ع ۾ ٻيهر پاڪستان جي نمائندگي ڪئي . 1961ع ۾ بنيادي جمهوريت جي ميمبر منتخب ٿي . 1962ع ۾ سندس مڙس محمد اڪرام الله وفات ڪئي .


2000.12.12  عيسوي

بيگم اڪرام الله 12 ڊسمبر 2000ع تي وفات ڪئي . کيس ڪراچيءَ ۾ دفن ڪيو ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جلم بن شيبان
ديبلي ابو جعفر محمد بن ابراهيم
انور جوکيو
اويس قرنيِ حضرت
ڀليڏنو ڀنڀرو
رحمت الله خليفو
سيون هيڊن
سليم الزمان صديقي
بابا گوبند داس
مخدوم ساهڙ لنجار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون